ڌياڻو مخدوم عربي

ڌياڻو، مخدوم عربي: ’مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي‘ ڪتاب ۾ پروفسير محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ ڄاڻايو آهي ته: ”هالا پراڻي سان تعلق رکندڙ ڌياڻو مخدوم عربي، پير آسات جو سڳو ڀاءُ، مخدوم نوح جو استاد، قرآن شريف جو حافظ ۽ ڪرامتن جو صاحب بزرگ ٿي گذريو آهي.“ هن سان اڪثر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شجرو ملايو ويندو آهي. ٻيءَ روايت آهي ته ڌياڻو عربي ۽ مخدوم ڌياڻو ڌار ڌار بزرگ آهن ۽ انهن ٻنهيءَ جون ڌار قبرون هالا جي قبرستان ۾ موجود آهن ۽ اهو ٻيو مخدوم ڌياڻو، لطيف سائينءَ جي ناننگ مان هو. نامور محقق علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”هاڻي ان بزرگ جي اولاد مان مخدوم محمد عالم نالي شخص سيد عبداللطيف تارڪ جو خليفو ۽ ان جي فقيرن مان آهي.“ هن بزرگ جو فرزند مخدوم بايزيد مخدوم نوح جو همعصر هو. سندس ڀاءُ پير آسات، سيد ميران محمد جونپوريءَ جو مريد هو، جيڪو مڪليءَ جي قبرستان ۾ مدفن آهي. پير آسات جي اولاد مان محمد حسين مشهور بزرگ هو، جنهن جي فرزندن مان احمد ۽ محمد ٺٽي ۾ رهائش پذير هئا. احمد، جهان آباد ۾ شاهه غلام محمد صوفيءَ جو مريد هو. مخدوم عربي ڌياڻو 980هه/1572ع ۾ وفات ڪري ويو. هي بزرگ پراڻن هالن ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو